سراج القلوب مع روايت امام جعفر صادق عليه السلام

سراج القلوب مع روايت امام جعفر صادق عليه السلام: هن قلمي نسخي ۾ پاڻ ڪريم حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وسلم جن کان يهودين جا ڪيل سوال ۽ انهن جا مليل جواب ڏنل آهن، جيڪي حضرت امام جعفر صادق عليه السلام کان نقل آهن. هن ڪتاب جي مرتب جي نالي ۾ تضاد آهي. ڪن اهو ڪم ابو منصور سعد الغزنوي جي نالي ته ڪن وري شيخ ابو بڪر بن عبدالله ڏانهن منسوب ڪيو آهي. ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
”الحمد لله رب العالمين والعاقبه للمتقين والصلواة
واسلام علي رسوله محمد وآله اجمعين.......“
۽ ڪتاب جي پڄاڻي هيئن ٿئي ٿي:
”......آمين رب العالمين تمت
لااله الا الله محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم.“
هن قلمي نسخي جي ڪاتب ۽ ڪتابت واري سال بابت ڪا خبر نٿي پوي. ڪتاب خط نستعليق ۾ لکيل آهي. 59 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو